ايس ٽي پي جو نواب شاه ۾ پبلڪ پارڪ تي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو

ايس ٽي پي ضلع سڏ تي حڪومتي ڌرجي ڇاڙتن پاران عوامي پارڪ لب گجراواھ تي قبضوڪري ھوٽل ٺاھڻ خلاف تحريڪ جي ٻئي مرحلي ۾ ايس ٽي پي تعلقي صدر محترم شاھنواز ڪيريو ، ٻڍل مگسي ، سيد رستم شاھ جي اڳواڻي ۾ ترقي پسند ھائوس کان سوين ماڻھن جي ريلي ڪڍي شھر جي مختلف چوڪن ٿيندي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو جتي Stpاڳواڻن خطاب ڪندي چيو ت ايس ٽي پي طرفان مسلسل عوامي پارڪ لب گجراواھ تي ٿيل قبضي خلاف ۽ قبضي خورن جي گرفتاري لاء مسلسل ڏھن ڏينھن کان تحريڪ جاري آھي پر ھتان جي انتظاميا DC۽ SSPبلڪل خاموش تماشائي بڻيل آھن ۽ ھنن جي ڪنن ۾ اڃان تائين ڪپھ ڀريل آھي ۽ قبضي ڪندڙن سان ڳٽ جوڙ بڻيل آھي ڇو ت ھتان جا آفيسر وڏي درٻار جا سلامي ڀريندڙن غلام آھن پر اسان ھنن جي ڪنن مان ڪپھ ڪڍڻ ڄاڻون ٿا ۽ اعلا ادارن کان اھو مطالبو ٿاڪريون ت فوري طور تي عوامي پارڪ لب گجراواھ تان قبضو ختم ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ايس ٽي پي ضلع طرفان تحريڪ کي سخت ڪندي جيڪو ب فيصلو ٿيو تعلقي طرفان لبيڪ ھوندو ڀرپور حمايت ڪري جدو جھد کي اڃان وڌيڪ تيز ڪيو ويندو ۽ ان جا ذميوار ھتان جي انتظاميا DC۽ SSpھوندا جيڪي ٻئي اگھور ننڊ ستل آھن