سنڌ جي ساحلي ٻيٽن تي قبضي خلاف ڪراچي م لکين ماڻھن جو احتجاج

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر مگسي سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي والار خلاف 14 آڪٽوبر تي سڄي سنڌ ۾ هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو. سنڌ جي ٻيٽن بابت صدارتي آرڊيننس خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي ملير کان گورنر هائوس تان مارچ  ڪري ڌرڻو هنيو ويو، جنهن ۾ هزارن جي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي، جنهن  ۾ اديب، دانشور ۽ سول سوسائٽي جي ڪارڪن پڻ شامل هئا. ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ 6 ڪروڙ سنڌين جي ماءُ آهي ۽ ماءُ خلاف ڪنهن به قسم جي سازش قبول نه ڪنداسين، اسلام آباد سنڌ تي قبضي جي نيت رکي ٿو، صدر، وزيراعظم ۽ سنڌ جي گورنر کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته اهي عالمي سازشن جو شڪار بڻجي سنڌ سان دشمني ڪري رهيا آهن، اسان اڄ انهن کي سنڌ دشمن قرار ڏئي رهيا آهيون، سنڌ جي دشمنن خلاف ڌرتي جا پٽ سينو تاڻي بيهي رهندا ۽ پنهنجون حياتيون قربان ڪرڻ کان به نه ڪيٻائيندا. هن چيو وفاقي حڪومت وٽ هڪ ئي رستو آهي ته اهو آرڊيننس بنا دير واپس وٺي. ان کان اڳ به ٻه پورٽ قاسم پورٽ ڪراچي پورٽ قائم ڪيا ويا سنڌين کي نظر انداز ڪيو ڪنهن هڪ سنڌي کي روزگار ناهي مليو، سنڌ جي اسٽيل مل ۾ به سنڌين کي نظر انداز ڪيو ويو، اهڙي ترقي ڪڏهن قبول نه ڪبي جنهن ۾ سنڌ جي ملڪيت تي قبضو ٿئي، اهڙين سازشن خلاف ڀرپور جواب ڏينداسين، پنهنجي وطن ۽ سنڌي قوم لاءِ جان جو نذرانو ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، هاڻ وقت اچي چڪو آهي، ڪنهن جي خوف ۾ نه ايندا سين، آئيني طريقي سان قوم جي حقن جي ڳالھه ڪئي آهي ڪنداسين رهنداسين، 14 آڪٽوبر تي عام هڙتال جو اعلان ڪيو ٿا پرامن احتجاج ڪري سنڌ جي وارثي ڪبي، ايس ٽي پي اڳواڻ ڄام فتاح سميجو چيو ته جيڪي به سنڌ جا وسيلا آهن ۽ سنڌ جي جيڪا به زمين آهي ان جا مالڪ اسان سنڌي آهيون، جنهن تي آئيني ۽ قانوني طريقي سان سنڌين جو حق آهي، پيپلزپارٽي ۽ وفاقي حڪومت گڏجي ٻيٽن تي قبضو ڪيو آهي هاڻ سنڌي قوم جاڳي پئي آهي، سنڌ حڪومت جيڪڏهن انهي فيصلي ۾ ملوث ناهي ته پوءِ صوبائي اسيمبلي گهرائي هن فيصلي کي رد ڪري، ناليواري دانشور۽ ليکڪه نورالهديٰ شاهه چيو ته هي صرف سنڌ جي زمين آهي ۽ مهاڻن جو روزگار آهي، سنڌ جي وسيلن تي وفاق جو  قبضو غيرقانوني آهي،صدر عارف علوي جو جيڪو آرڊيننس جاري ڪيوآهي ان مان ائين پيو لڳي ته سنڌين تي حملو ڪيو پيو وڃي،سنڌ حڪومت ائين پئي سمجهي ته اهو مسئلو بيانن ۽ ٽوئيٽر ذريعي حل ٿيندو پر ائين ناهي، سنڌ حڪومت کي انهي مسئلي کي سنڌ اسيمبلي ۾ آڻڻ گهرجي ۽ هنن آرڊيننس کي رد ڪرڻو پوندو، ناليواري اديب جامي چانڊئي چيو ته هي جيڪو آرڊيننس پاس ڪيو ويو آهي اهو ناجائز آهي،وفاقي آئين جي ڀڃڪڙي آهي ۽ خودمختياري جي توهين آهي ۽ سنڌ جي وحدت تي وار آهي، اسان چئون ٿا ته اهو آرڊيننس واپس ڪيو وڃي ۽ صدر عارف علوي اهو آرڊيننس جاري ڪري پنهنجي منصب جي توهين ڪئي آهي،اسان واضح ٿا چئون ته اهو فيصلو واپس ورتو وڃي ۽ سنڌ جي عوام کان معافي وٺڻ گهرجي، جسقم جي  ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته آئين طور تي جڏهن اسيمبليون موجود آهن ته آرڊيننس ائين پاس ڪرڻ جي ضرورت ئي نه هئي،ڪجهه مهينا اڳ لڪي ڇپي فيصلو ڪيو ويو هو جيڪو هاڻي اوچتو منظرعام تي آندو ويو آهي، پر هنن کي خبر هجڻ گهرجي ته سنڌ جون سياسي ڌريون، سنڌ جا غيرتمند پٽ ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي هڪڙي انچ تان به هٿ کڻڻ لاءِ تيار نه ٿيندا، عوامي تحريڪ جي رسول بخش خاصخيلي چيو ته اسان مزاحمت ڪنداسين،  ان کان اڳ ڊاڪٽر قادر مگسي گورنر هائوس کي يادداشت نامو پيش ڪيو، جنهن ۾ لکيل آهي ته آءِ لينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ پاڪستان جي آئين خلاف آهي،ڇو ته آئين ۾ ٻيٽ صوبي جي ملڪيت آهن، سنڌ جي وسيلن تي قبضي لاءِ ملڪ جو صدر گورنر هائوس ۾ ويهي سيڙپڪارن سان جيڪو اجلاس ڪري رهيو آهي، اهو به آئين جي ڀڃڪڙي آهي، تنهن ڪري عوام جو عوام ان کي واپس وٺي بيچيني ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿو، ڌرتي ڌڻي اهڙي ڪا ترقي قبول نه ڪندا، جيڪي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ يا سنڌ جي سرزمين تي قبضي جي نيت سان ٿي رهي هجي،نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي اڳواڻ ڊاڪٽر حئي بلوچ چيو ته ٻيٽ سنڌ ۽ بلوچستان جي ملڪيت آهن اڄوڪو هي احتجاج ايوانن کي لوڏي ڇڏيندو سنڌ بلوچستان جو غيرتمند عوام ڌرتي تي قبضي خلاف ڪڏهن خاموش نه ويهندو عوامي جمهوري پارٽي جي  مرڪزي صدر وشنومل خطاب ڪندي چيو ته سنڌ سازشي ٽولن يوناين، عربن، ايرانين، ارغونن سان به وڙهي هئي ۽ اڄ به به وڙهي پئي ،جيئي سنڌ قومي پارٽي جي سرواڻ نواز خان زنئور چيو ته ڌرتي،ٻيٽ،سمنڊ سنڌ جي باهمي ملڪيت آهي ان تي قبضو ڪرائيندڙن کي تاريخ پنهنجي پيرن هيٺيان لتاڙي ڇڏيندي سنڌ برقرار رهندي پر غدار ختم ٿي ويندا ن ليگ اڳواڻ راجا انصاري چيو ته جنرلن  ملڪ سان غداري ڪئي آهي نواز شريف ٻيٽ وڪرو ڪندڙن اصل طاقتن کي ڳچيءَ ۾ ھٿ وڌا آهن هاڻ ڪا به بدمعاشي نه هلندي ايس يو پي مرڪزي جنرل سيڪريٽري روشن ٻرڙي خطاب ڪندي چيو پ پ ۽ پي ٽي آءِ جي ڳٺ جوڙ سان ٻيٽن تي قبضو ٿي رهيو آهي ،جسقم اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ چيو ته ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن ، عوامي پورهيت جي مرڪزي صدر ايڊوڪيٽ جي اين کوسي خطاب ۾ چيو ته حڪمران اڄ ٻيهر ايوب کهڙي جهڙي تاريخ ورجائي رهيا آهن ، جست صدر سورهيه سنڌي چيو ته حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ غداري ناهي ، ايس اين پي اڳواڻ رمضان بليدي چيو ته لکين ماڻهن جي روڊن موجودگي مان ثابت ٿيو ته قومي تحريڪ اڄ به زنده آهي، سماجي اڳواڻ ڪرامت علي خان چيو ته هي فيصلو عالمي توڙي ملڪي قانون جي خلاف آهي ،سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي  سنڌو نواز گهانگهرو چيو ته وفاق کي ڪو به حق نه آهي ته هو ڌرتي جي زمينن،ٻيٽن ۽ شهرن تي قبضو ڪري ،قومي عوامي تحريڪ جنرل سيڪريٽري مظهر راهوجي چيو ته طاقت ذريعي سنڌ مٿان غلط فيصلا مسلط ڪيا پيا وڃن ، ناليواري قومي شاعر ۽ عوامي سٿ جي سرواڻ ڍٻائي مهر چيو ته سنڌ وسيلا چوري ڪيا پيا وڃن ، عوامي ورڪرز پارٽي جي  يوسف مستي چيو ته ملڪ اندر غلامي کان قومون بيزاري جو اعلان ڪن ٿيون ملڪ جا اصل واڳ ڌڻي ظلم بند ڪن محب وطن ماڻهن کي کنڀڻ ۽ مارڻ بند ڪيو وڃي ان موقعي تي ٻين اڳواڻن خليل شاهه،عاجز جمالي،بيدل مسرور، غلام رسول سوهو، عالم بروهي، شهناز شيخ، حفيظ بجاراڻي، نور احمد سنڌي،حيدر ملاح،هوت گاڏهي،خدا ڏنو شاهه پڻ خطاب ڪيو ۽ ٻيا اڳواڻ سوڀ قمر ڀٽي،محبوب عباسي، اعجاز سامٽيو، ڊاڪٽر احمد نوناري،گلزار سومرو،فتاح سميجو، مبارڪ ڀٽي، آصف بالادي، ،آڪاش ملاح، رياض کيمٽيو، مصطفي چانڊيو، ڊاڪٽر شفقت عباسي، دودو ديشي، صنم پليجو، حريف خان چانڊيو، قمبر حاجاڻو، لال محمس چانڊيو ۽ ٻيا اڳواڻ توڙي عورتون وڏي انگ ۾ موجود هئا جن ٻيٽن خلاف شديد نعريبازي پڻ ڪئي.