سنڌ جي ٻيٽن تي جاري صدراتي آڊرينس خلاف ايس ٽي پي پاران 11 آڪٽوبر ڪراچي ۾ ڌرڻي جو اعلان

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي مرڪزي اڳواڻن سان گڏ حيدرآباد پريس ڪلب تي پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻيٽن مطعلق جوڙيل اٿارٽي جي سخت مذمت ڪندي ان کي مڪمل رد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو تہ سنڌ جا ٻيٽ ۽ سامونڊي پٽي سنڌ جي ملڪيت آھن ۽ ڪنھن بہ صورت ۾ آرڊيننس ذريعي ان کي وفاق حوالي نہ ٿو ڪري سگھجي. وفاق آئين پاڪستان ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي صدارتي آرڊيننس جاري ڪيو آھي. جيڪو ڪنھن بہ صورت ۾ نہ آئيني آھي ۽ نہ قانوني آھي ۽ اھڙو آرڊيننس جاري ڪرڻ قانون ۽ آئين سان غداري جي زمري ۾ اچي ٿو. جنھن کي سنڌ جا ڪروڙين انسان ڪنھن بہ صورت ۾ قبول نہ ڪندا ۽ اھڙي عمل خلاف آرڊيننس جي خاتمي تائين ڀرپور مزاحمت ڪندا. ھن چيو تہ ان سلسلي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي 6 ۽ 7 آڪٽوبر تي سڄي سنڌ ۾ ٻيٽن تي قبضي خلاف احتجاجي مظاھرا ڪندي ۽ 11 آڪٽوبر تي سنڌ جا غيرتمند لکين ماڻھو ڦوھارا چوڪ تي گڏ ٿي گورنر ھائوس اڳيان پنھنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا ۽ سنڌ طرفان احتجاجي ياداشت نامو گورنر سنڌ معرفت صدر پاڪستان کي موڪليو ويندو ۽ ريلي ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جا قوم پرست اڳواڻ خطاب ڪندا. ان موقعي تي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ، ھوت خان گاڏھي، قادر چنا، ڊاڪٽر سومار مڱريو، محمد علي ابڙو، نصرت چنا ۽ ڄام شوڪت ابڙو موجود ھئا.